Free Web Hosting by Netfirms
Web Hosting by Netfirms | Free Domain Names by Netfirms

‎ڪٿي ڌاڙيل ها ڌن جا، ڪٿي تن جا، ڪٿي من جا،  ’اياز‘ اڄ دانهن ڏِيون ڪنهن کي ته ساري سنڌ گهيرو آ؟

ڪالم:    اچو سورن واريون ڪريون سور پچار

رحمت جي برسات زحمت ۾ تبديل ٿي ويئي!

مير اشفاق احمد ٽالپر

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وٺا، وَٺي ڪَڇَ ڪِنارَ؛
پونياڙِيءَ پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائُون نارَ؛
سَٻاجھي سَتارَ، لاٿا ڏُرتَ ڏيہَ تان.
                                                    (شاه)

    سالن کان پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسندڙ سنڌ جي سرزمين تي جڏهن قدرت پنهنجي رحمت جي پالوٽ ڪئي ته ٿر ۽ بر جتي ڪٿي بحر ئي بحر آهي. ٿر جي ريگستاني علائقي وسڪاري کان پوءِ جيڪا سائي پوشاڪ پهري آهي ان ته کيس ڪشمير کان به خوبصورت بنائي ڇڏيو آهي. ٿري ماڻهو قدرت جي ان وقتائتي ساٿ ڏيئڻ تي بيحد سرها آهن.

    برسات جيڪا هڪ اهم ضرورت هوندي آهي خصوصا ان وقت ۾ جڏهن ٻنيون پوکائيءَ لاءِ تيار صرف پاڻي جي لاءِ منتظر هجن ته تڏهن ان وقت پوندڙ بارش ڪنهن به ريت رحمت ۽ نعمت کان گھٽ نه هوندي آهي. سنڌ به برسات جي وسڪاري کان اڳ سوڪهڙي واري صورتحال مان گذري رهي هئي. ڏاکڻي سنڌ پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار هئي. ته تڏهن هن برسات ماروئڙن جي چهرن تان مرجھائجي ويل مرڪ کي ان اميد سان واپس آندو آهي ته هاڻ هو پاڻي جي موجودگي جي ڪري پنهنجن ٻچن جي پيٽ گرهه لاءِ ان حاصل ڪري سگھندا.

آگَمَ ڪَيا اَللھَ، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
پَلَرَ جي پالُوٽَ سين، پَٽَنِ جَھلِيا پاهَ؛
واحِد وَڏائِي ڪَيا، مَٿي گَسَن گاهَ؛
سانگِيُن وَرِيا ساهَ، اُٺُنِ آبُ آگُوندِرو.

  اها  برسات جيڪا رحمت ۽ نعمت تصور ڪئي ويندي آهي سا اها ساڳئي وقت انساني ڪوتاهين ۽  غفلت جي ڪري زحمت بنجي ويئي آهي. موجوده برسات ۾ اهڙي صورتحال اسان کي نه رڳو ڪراچي پر سنڌ جي اڪثر ٻهراڙين ۾ پڻ ڏسڻ جي لاءِ ملي، معمول کان ڪجھه وڌيڪ پوندڙ برسات ڪراچي کي تمام متاثر ڪيو. جتي جي شهري زندگي ڪافي اذيت مان گذرندي رهي پر اتي موجود شهري حڪومت ۽ ادارا جنن کي وڏي ڪاميابي جي علامت طور پيش ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ خود اهي ادرا به ترقي جي نه کٽندڙ دعوائن جا دعويدار رهندا آيا آهن. پر ڪراچي جي روڊن تي ڪيترين ئي ڏينهن تائين موجود برساتي پاڻي ۾ ترقي جون اهي سڀئي دعوائون انهن ادارن ۽ عوام جي در تي سهولتون پهچائڻ جي ذميوار چونڊيل نمائيندن جي ڪارگردگيءَ ۽ نااهلي جو ثبوت بڻيل رهيون. بجلي جا ڊگھا بريڪ ڊائونز ۽ روڊن توڙي گھرن ۽ آفيسن اڳيان بيهندڙ پاڻي شهري زندگيءَ کي مشڪلات سان دوچار ڪري ڇڏيو. ۽ تعجب ان تي آهي ته اهو سڀ ڪجھه انهي مڪاني سسٽم ۽ مڪاني سطح جي چونڊيل نمائيندن جي موجودگي ۾ ٿيو آهي، جنهن کي وڏين وڏين دعوائن ۽ انقلاب جي نويد طور متعارف ڪرايو ويو. ان سسٽم جي نالي چيو ويندو رهيو آهي ته انهي سسٽم سان ماڻهن کي سهولتون ۽ انصاف سندن درن تي ملندو، ڪنهن به شڪايت جي فوري داد رسي ٿي سگھندي.

  اهو حال ته ڪراچي جي شهر ۽ اتي جي شهري زندگيءَ جي اذيت جو هو پر سنڌ جي انهن لاوارث بڻيل ٻهراڙين جي حالت ته اڃان به ڪافي ابتر آهي جتي ڪي به ادارا سرگرم ناهن. جتي زندگي جون ڪي به سهولتون دستياب نه آهن. اتي نه رڳو صاف پاڻي جو حصول مسئلو بڻيل آهي  پرڪيترن ئي ڳوٺن ۽ علائقن ۾ گندي پاڻي واپرائڻ ۽ مڇرن  جي ڪري گيسٽرو، مليريا ۽ وبائي بيمارين منهن ڪڍيو آهي. ان حالت ۾ جڏهن قدرت جي رحمت ذميوار ادارن جي غير تسلي بخش ڪارگردگي جي ڪري زحمت بڻجي ويئي آهي. تڏهن انهن ڪوتاهين تي نظر وجھڻ ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي ضرورت آهي. ته جئين ڪنهن به قدرتي آفت جيڪا روڪڻ ڪنهن به ريت انساني وس جي ڳالهه نه آهي. جي صورت ۾ ڪنهن حادثي ۽ تباهي کان بچائو ممڪن ٿي سگھي گڏوگڏ عام ماڻهو کي به تڪليف مان نه گذرڻو پوي. ڏٺو وڃي ته هن وقت برسات ۽ ٻوڏ جون قهري ڪاروائيون جاري آهن پر رليف ۽ بيمارين کان بچاءُ جون ڪي ڪاروايون ڏسڻ جي لاءِ نٿيون ملن.

    سنڌ ۾ ٻين صوبن جي گندي ۽ ڪلراٺي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ آر. بي. او. ڊي ۽ ايل. بي. او. ڊي جا سم نالا تعمير ڪيا ويا. انهن جي تعمير جي وقت کان ئي انهن جي ڀرپاسي جا آبادگار ۽ رهائشي توڙي سنڌ جا زرعي ماهر انهن جي تعمير کي ناقص چوندي اعتراض واريندا رهيا آهن. هاڻ صورتحال اها آهي ته انهن سم نالن کي اهڙي ته ناقص طريقي سان تعمير ڪيو ويو آهي جو اهي گندي پاڻي کي سمنڊ ۾ داخل ڪرڻ بجاءِ سمنڊ کي اڳتي سنڌ جي زمينن طرف وڌڻ جو رستو ڏيئي رهيا آهن. ۽ انهن جا ڪمزور ڪپر پاڻي جو معمولي دٻاءُ به برداشت نه ٿا ڪري سگھن. 2001ع ۾ ڏاکڻي سنڌ جي هيٺائين علائقن کي ٻوڙي وڏي تباهي پکيڙيندڙ اهي سم نالا ئي هئا ۽ هن وقت به سانگھڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ انهن سم نالن کي گھارا پوڻ ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ آيل آهن. رهواسين ڳوٺن مان نڪري سرڪاري اسڪولن ۾ پناه ورتي آهي. اربين روپين جو زرعي پوکون تباه ٿي ويون آهن. وڏي پيماني تي تباهي واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي

    اڃان به جئين وسڪاري جي موسم جاري آهي ۽ ڪٿي ڪٿي برسات جا سلسلا هلندڙ آهن تڏهن انهي ڳالهه جي ضرورت آهي ته نه رڳو برسات جي پاڻي جو شهرن مان نيڪال جو مناسب بندوبست يقيني هئڻ گھرجي پر ڪجھه توجه سنڌ جي ٻهڙارين ڏانهن به ڏني وڃي. بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ ماڻهن توڙي چوپائي مال جي لاءِ ويڪسين مهيا ڪئي وڃي ۽ مڇرن کان بچاءُ جي لاءِ اسپري ڪرايو وڃي. جتي به سم نالن کي پوندڙ گهارن جي ڪري ٻوڏ تباهي پکيڙي آهي اتي فوري رليف ڏيئڻ کان علاوه دور رس زرعي معشيت  جي بحالي ڏانهن به توجه ڏيندي زرعي قرض معاف ڪيا وڃن ۽ ماڻهن کي پهتل نقصان جي واهر ڪئي وڃي ته جئين جلد اهي پنهنجن پيرن تي بيهي سگھن. سنڌ جي زرعي ۽ پاڻي ماهرن کي ڳڏ ڪري انهن جي صلاح مصلحت سان هر سال انهن سم نالن جي ڪري ٿيندڙ نقصان کان بچاءُ جو ڪو مناسب طريقو اختيار ڪيو وڃي ته جئين هر سال ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ ايندڙ تباهي ۽ پوءِ ان جي بحالي تي خرچ ٿيندڙ ڪروڙين جي رقم بچي سگھي. انهي سان گڏوگڏ سموري انتظاميه کي رليف پهچائڻ جي ايجنڊا هيٺ عوام جون مشڪلاتون گھٽ کان گھٽ ڪرڻ کي پنهنجي ترجيع بنائڻ گھرجي.