|
اچو سورن واريون
ڪريون سُور پچار
ــــــــــــــــــــــ
ڪالم: اشفاق احمد |
|
ٺهي ڪر ٺهراءُ،
ويري وير اڃان ٻيا. |
اُٺَ ويرِي، اوٺارَ
ويرِي، ويرِي ٿِـيَڙَمِ ڏيرَ؛
چوٿون ويرِي واءُ ٿِيو، جنھن لَٽِيا پُنھونءَ جا پَيرَ؛
پَنجون ويري سِجُ ٿِيو، جنھن اُلَهِي ڪِي اَويرَ؛
ڇَھون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جنھن سَنوان ڪَيا نه سيرَ؛
سَتون ويري چَنڊُ ٿِيو، کِڙِيو نه وَڏِيءَ ويرَ؛
واھيري جِي ويرَ، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين!
شاھ جي بيان ڪيل سسئي واري ساڳئي سورن ڀري
ڪيفيت مان هن وقت سنڌ گذري رهي آهي جنهن کي جتان ڪٿان امن، تهذيب ۽ خوشحالي جي
ويرين وڪوڙي ورتو آهي انهن ويرين جي ڇڏيل مصيبتن مان هڪ مصيبت سنڌ اندر ڀڙڪندڙ
قبيلائي نفرتون ۽ تڪرار آهن. انهن سنڌ جي امن کي پنهنجي بربريت ۽ وحشيت جي طاقت تي
گولين جي وسڪاري ۽ بارود جي ٻاريل باھ سان يرغمال ڪري ورتو آهي. انهي صورتحال ۾
انساني جانين مان وهندڙ رت ۽ معصومن جي ڪرندڙن لاشن هن سڄي سنڌ جي ماحول کي سوڳوار
بڻائي ڇڏيو آهي.
ٻارن جي ڪنهن معمولي مسئلي، گھريلو تڪرارن، پاڻي جي واريءَ تان ٿيل جھيڙي، يا مال
جي ڀَيل جھڙين معمولي ڳالهين تان شروع ٿيل ويڙھ پنهنجون حدون ٽپي قبيلائي ويڙهاند ۾
داخل ٿي وڃي ٿي جتي قبيلن سان لاڳاپيل ماڻهو انتقام جي باھ ۾ جلي پلاند ڪرڻ خاطر هڪ
ٻئي تي گولين جي بوڇاڙ ڪندا رهن ٿا. سنڌ جي اترين علائقن يا اپر سنڌ ۾ اهڙا سوين
تڪرار موجود آهن جنن جي ڪري رهواسين جو سڪون برباد ٿي ويو آهي سدائين موت جي پاڇي
هيٺ زندگيون سفر ۽ آرام ڪنديون رهن ٿيون. انهن جھڳڙن جي ڪري ڪيترائي علائقا ويران
بڻيل آهن، روڊ سج بيٺي سنسان ٿي وڃن ٿا ۽ اتي موت جو رقص شروع ٿي وڃي ٿو. گھر ويران
بڻيل ۽ مورچا آباد ٿيل آهن جنن ۾ ويهي قبيلن جا ماڻهو بني آدم جي رشتي کان عاري ٿي
هڪ ٻئي جي خون جا پياسا بڻيل رهن ٿا. هڪ ٻئي جو خون پيئڻ لاءِ هو جديد هٿيارن جو
استعمال اندازي کان ٻاهر ڪن ٿا.
اهڙي طرح معمولي ڳالهين تان شروع ٿيل ويڙهه جي باھ ۾ درجنين جانيون جلائڻ، ڪيترائي
گھر اجاڙڻ، ڪيترين ئي نينگرين کان خوابن جا شهزاد کسڻ، ونين کي بيواھ بنائڻ، ڪيترين
ئي مائرن ۽ پيئرن کان پنهنجا ڳڀرا پُٽ کسڻ، ڪيترين ئي معصومن کان پنهنجي مُرڪ کسي،
يتيمي طرف ڌڪڻ کان پوءِ به اها ويڙھ نسل در نسل جاري رهندي اچي ٿي، هر ايندڙ ڏينهن
قبيلن سان لاڳاپيل ماڻهن جي سرن تي موت جو عقاب وحشيت ۽ بربريت جي چنبن سان لامارا
لڳائيندو رهي ٿو.
مال جي ڀَيل تان شروع ٿيل تڪرارن ۾ يا معمولي اختلافن مان جنم وٺندڙ لڙائين ۾
خاندان جا خاندان برباد ٿيندا پيا اچن. علائقا اڄ به هڪٻئي جي لاءِ نوگو ايرياز
بڻيل آهن. تعليمي عمل ٺپ آهي. تڪرار وارن علائقن ۾ ترقي جو عمل شديد رولڙي جو شڪار
آهي. غربت ۽ بک جو شڪار ٿيئڻ باوجود قبيلن ۾ شامل ماڻهو قبيلائي انا تي پنهنجون
جانيون ڏيندا نسلن کي غربت وٽ غلام بڻائيندا پيا اچن. تڪرارن جي ڪري معمولات زندگي
درهم برهم ٿيل آهن. قبيلا هميشه هڪ ٻئي جي خلاف حالت جنگ ۾ رهي گولين جي برسات
وسائيندا رهن ٿا. اهڙي هڪ گولين جي برسات ۾ پنهنجو صحافتي فرض نڀائڻ جي لاءِ ويل هڪ
نوجوان پنهنجي جان وڃائي ويٺو. سنڌي ميڊيا جي وڏي نيٽ ورڪ ڪاوش اينڊ ڪي ٽي اين نيٽ
ورڪ سان لاڳاپو رکندڙ منير سانگي سنڌ ۾ ناسور بڻيل انهن قبيلائي تڪرارن جي وحشيت
سان ڀرپور منظرن کي سنڌي ميڊيا لاءِ پنهنجي ڪيمرا ۾ محفوظ ڪري رهيو هو ته جئين سنڌ
۾ جاري وحشيت ۽ رت جي انهي راند جي منظرن ۽ حقيقتن کي سامهون آڻي ڪنهن اثرائتي قدم
کي يقيني بنائڻ لاءِ ۽ سنڌ جي انهي ناسور مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ ڪنهن عوامي راءِ
کي هموار ڪري سگھجي. وقت جا واڳ ڌڻي انهن منظرن مان سنڌ جي پيڙا سمجهي امن جي قيام
لاءِ ڪنهن اثرائتي قدم کي يقيني بنائي سگھن. پر افسوس ته پنهنجي فرض سان سچائي
رکندڙ اهو صحافي دوست به انساني جان جي پياسي ۽ رت لاءِ بکايل تڪرار جو کاڄ بڻجي
ويو. ۽ گولي لڳڻ تي سندس زخمي وجود ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ سور کان تڙپندو
رهيو، قانون جي رکوالن جي بي حسي ۽ قانون جي بي وسي جو ثبوت بڻيل رهيو. اهو ته هڪ
صحافي سان پيش آيل واقعو هو، جيڪو ايڏي درد ۽ پيڙا سان ميڊيا ۾ اچي سگھيو پر ڪئين
اهڙا بي گناهن جا موت هوندا جيڪي ڪڏهن به سامهون اچي نه سگھندا. ڪيترائي واٽهڙو
انهن گولين جو شڪار بڻجندا هوندا ۽ روز ڪيترين ئي گھرن ۾ صفِ ماتم وڇائبي هوندي.
قبيلائي تڪرارن ۾ جلندڙ انهن علائقن ۾ قانون جي ڪيتري عملداري آهي. ۽ قانون جي نفاذ
لاءِ ذميوار ادارا ڪيترا سرگرم آهن انهي جو اندازو پڻ انهي تازي واقعي مان لڳائي
سگھجي ٿو. هڪ صحافي گوليون لڳڻ تي ڪيترائي ڪلاڪ بي يارو مددگاري واري حالت ۾ زخمن
سان چور وهندڙ رت ۾ کليل آسمان هيٺ تڙپندو رهيو پر قانون جي رکوالي جا بيج هڻندڙ
ايتري به همت پاڻ ۾ نه ساري سگھيا جو کيس انهي گولين جي برسات مان ڪڍي ڪنهن اسپتال
حوالي ڪن ها جتي انهي جي بروقت علاج سان شايد زندگي به بچي سگھي ها. اِنهي ذميداري
جو احساس خودبخود اچڻ ته پري پر شهيد صحافي جي وارثن ۽ شهر جي معززين جي چوڻ باوجود
پوليس انساني جان جي قدر ۽ قيمت سمجھڻ جو شعور نه آڻي سگھي. اعلى عملدارن جي غير
ذميواري جي اها حد جو هڪ پاسي رت جي راند جاري هئي ته ٻئي پاسي پوليس جي صاحب لوڪ
خلقت جي ننڊ ختم ٿيئڻ جو نالو به نه پئي ورتو. ان صورتحال مان انهن تڪرارن بابت
پوليس جي امن بابت سنجيدگي ۽ سرگرمي جو پتو پوي ٿو. اها ڳالهه به سوچڻ جي آهي ته
قانون جي عملداري يقيني بنائڻ جي لاءِ موجود لاتعداد ادارن ۽ فورسز جي جنن جي مٿان
قوم جا ڪيترائي ارب روپيه خرچ ڪيا وڃن ٿا انهن قبيلائي تڪرارن ۾ ملوث ڌرين وٽ اهڙا
جديد هٿيار ڪئين پهچن ٿا جنن جي موجودگي ۽ ڊپ کان عملدار به هيسيل آهن. انهي
صورتحال ۾ اهي ادار پنهنجو فرض ڪئين نباهي رهيا آهن انهي تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.
۽ انهي ڪوتاهي ۽ خامي کي ڳولڻ جي ضروت آهي جنهن مان فائدو حاصل ڪندي هٿيارن جا
سوداگر انهن قبيلن وٽ سولائي سان اچ وڃ ڪندا رهن ٿا ۽ کين انساني جانين کي تباهي
سان همڪنار ڪرڻ وارا هٿيار وڪرو ڪندا رهن ٿا. ضرور ڪٿي ڪا ته ڪرامت آهي. معاشري ۾
پکڙيل ٻين سماجي مرضن سان گڏوگڏ هن ۾ پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن جي ڪنهن ڪردار کان
انڪار نٿو ڪري سگھجي جيڪي پنهنجي پيٽ جي باھ وسائڻ خاطر خوني باھ واري هن عمل ۾
شامل آهن. قبيلائي تڪرارن ۾ ملوث ماڻهو سرعام هٿيار کڻي گھمندي نظر ايندا آهن پر
پوليس خاموش تماشائي بڻيل هوندي آهي. اهڙي طرح ڇڙواڳ بڻيل اهي هٿيار معصوم جانين کي
پنهنجي بربريت جو نشانو بڻائيندا رهن ٿا. جنرل ضياءَ جي آمريت دوران پاليل ڪلاشنڪوف
ڪلچر اڄ به سنڌ کي ڪڏهن ۽ ڪٿي سندراڻي ۽ لکڻ تڪرار ته ڪٿي چاچڙ ۽ تغياڻي جھيڙي، ۽
ڪٿي وري جتوئي مهر قبيلن سميت لاتعداد تڪرارن ۽ قبيلائي ويڙهن جي صورت ۾ ڏنگي رهيو
آهي.
سنڌ کي درپيش پنهنجي تاريخ جي وڏن چئلينجز جي مد نظر اها وقت جي تقاضا آهي ته سنڌ جا
سڀئي رهاڪو پنهنجي اندر موجود تڪرارن کي ختم ڪري قومي ٻڌي واري ماحول کي قائم ڪن ته
جئين سنڌ جي لڏندڙ ٻيڙي ڪنهن ڪناري پار لڳائي سگھجي. سنڌ جي قومي ٻڌي ۾ رڪاوٽ
وجھندڙ گھڻن ئي سببن مان هڪ مکيه سبب اهي قبيلائي تڪرار پڻ آهن. قبيلائي تڪرار جي
روپ ۾ ٻرندڙ انهي باھ کي وسائڻ اشد ضروري آهي ته جئين ويرين جي خواهشن مطابق اسين
خود پنهنجي هٿن سان پنهنجو مستقبل برباد ڪرڻ واري عمل کان بچي سگھون.
قبيلائي خوني تڪرارن خلاف گھڻ رخي محاذ تي جنگ جوٽڻ جي ضرورت آهي. حڪومتي، سياسي،
عوامي ۽ سماجي محاذ تان هڪ ئي وقت انهي ناسور خلاف گڏيل ويڙهاند ڪري سونهاري سنڌ ۾
جاري موت جي رقص کي روڪي سگھجي ٿو. حڪومت جو فرض آهي ته هو انهن علائقن ۾ پنهنجي رٽ
۽ عملداري قائم ڪري، قانون جو نفاذ ممڪن بڻائي ڪنهن به سياسي مفاد ۽ مصلحت خاطر
علائقي جي امن کي قربان نه ڪيو وڃي. پوليس کي جديد تربيت ۽ انساني جان جي قدر و
قيمت بابت آگاهي ڏني وڃي. پنهنجي فرض سان سچائي رکندڙ عملدارن جي بغير ڪنهن سفارش
جي مقرري ڪئي وڃي، انهي سلسلي ۾ ڀوتارن جي پسند ۽ ناپسند کي رڪاوٽ نه بڻايو وڃي.
جيڪي سردار علائقي ۾ امن جي خرابي جو موجب بڻيل آهن انهن خلاف قانون جو نفاذ ڪيو
وڃي. پوليس کي ڪارين رڍن کان آجو ڪري ميرٽ تي شفاف بنياد تي مقرريون ڪيون وڃن. ۽
فورسز کي چر پر ۾ آڻي جيڪي عناصر انهن قبيلن کي هٿيارن جي رسد يقيني بڻائي ڪروڙين
جي منافع بخش تجارت ڪن ٿا ۽ انساني جانين کي خون ۾ وهنجائڻ جي راند جا کلاڙي بڻيل
آهن، انهن جو گھيرو تنگ ڪندي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي. سرداري نظام جي
حوصله شڪني ڪئي وڃي. سياسي پارٽين تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو به لٺ سرداري واري
انهي سسٽم جي پٺڀرائي نه ڪن، جنهن جي ڪري سنڌ هڪ ته ڪيترين ئي فرسودھ ريتن رسمن ۾
ڦاٿل آهي ٻيو ته قبيلائي تڪرارن جي خوني راند ۾ رت سان رنڱجي رهي آهي. حڪومتي سياسي
سماجي ۽ عوامي محاذ تي انهن قبيلائي ويڙهاند ۾ سرگرم ڌرين جا رستا بند ڪري کين
مجبور ڪيو وڃي ته هو جھاليت جي اهڃاڻ انهن تڪرارن ۾ الجھڻ ۽ پنهنجا نسل وڃائڻ بجاءِ
موئن جي دڙي جي شاهڪار امن واري ان تهذيب جي پالنا ڪن جنهن ۾ هر هڪ کي جيئڻ ۽ رهڻ
جو حق برابري جي بنياد تي حاصل هجي. بخاري اسان کي سڄي صورتحال ۾ پنهنجي ذميواري
کان آگاهي ڏيندي چئي پيو.
تاتيو توکي ٿڃ ڏئي، مِٺي ڌرتي ماءُ،
سيد، پنهور، سولنگي، سڀئي سنڌي ڀاءُ،
وڙهڻ، وڙهڻ سان هجي، پرچڻ سان پرچاءُ،
ٺهي، ڪر ٺهراءُ، ويري وِير اڃان ٻيا.
|