Free Web Hosting by Netfirms
Web Hosting by Netfirms | Free Domain Names by Netfirms

‎ڪٿي ڌاڙيل ها ڌن جا، ڪٿي تن جا، ڪٿي من جا،  ’اياز‘ اڄ دانهن ڏِيون ڪنهن کي ته ساري سنڌ گهيرو آ؟

              اچو سورن واريون ڪريون سُور پچار        ــــــــــــــــــــــ             ڪالم: اشفاق احمد

جت ڪارِيهَرَ ڪَڙڪا

ڪارا ڪُن، ڪارِي تُڳِي، جت ڪارِيهَرَ ڪَڙڪا؛
مَئي مَتي مِهراڻَ ۾ ، اَچنِ دُپارا دَڙڪا؛

    سنڌ ۾ جاري اختلافن جي ڪري هن وقت اسلام آباد ۾ ٻئي ڌريون يعني سنڌ جو وزير اعلى ۽ ايم ڪيو ايم جو وفد پاڪستاني سياست ۽ اقتدار جي حوالي سان واضع اهميت رکندڙ ڪردارن سان ملاقاتون ڪري کين پنهنجي موقف کان آگاه ڪري رهيا آهن.

    اخبارن موجب ايم ڪيو ايم جو وفد 90 جي لڳ ڀڳ مطالبن جي هڪ وڏي لسٽ ساڻ اسلام آباد ۾ لٿل آهي، ۽ انهن جو موقف اهو ئي آهي ته يا ته ارباب رحيم کان اسان جا مطالبا مڃايا وڃن يا کيس هٽايو وڃي. پر قائد ليگ سان تعلق رکندڙ ارباب رحيم جي پارٽي حوالي سان پوزيشن في الحال مضبوط لڳي رهي آهي. سنڌ جي وزير اعلى ٿيئڻ جي لاءِ پراڻي تڙپ رکندڙ پپو شاھ موجوده بحران جو فائدو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ۽ اخباري بيانن ذريعي پنهنجي گروپ سميت ڪجهه نه ڪجهه سرگرمي ضرور ڪئي آهي پر اهو امڪان گھٽ آهي ته هو ارباب جي ڪرسي کي لوڏي سگھي. باقي ڏسجي ته اصل اقتدار ڌڻيءَ اتحادين ۾ جاري هن جنگ ۾ ڪنهن جي مٿي تي هٿ رکن ٿا؟ ارباب جي بقول ته جيڪڏهن هو ايم ڪيو ايم جي مطالبن کي تسليم ڪري ٿو ته ان سان اندرونِ سنڌ ۾ محروميت وڌندي ۽ اتي جا ماڻهو صوبي جي وسيلن کان محروم ٿي ويندا.  اها ڳالهه حقيقت به آهي ته اڄ جنهن به فارمولي تي اتفاق ڪيو ويو پوءِ هميشه جي لاءِ اُهوئي دستور هلي پوندو. تنهن ڪري ڪنهن معاهدي يا نبيري جي صورت ۾ اهو خيال رکڻ ضروري آهي ته ان سان اندرونِ سنڌ جي رهواسين تي ڪو منفي اثر نه پوي، ۽ ڪراچي ۾ موجود سنڌي وسندين کي عدم تحفظ جو شڪار نه ٿيڻو پوي.

    جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ مهاجر شاگرد تنطيم طور وجود ۾ آيل ۽ بعد ۾ مهاجر قومي موومينٽ جي شڪل اختيار ڪرڻ بعد هن وقت پاڻ کي متحده قومي موومينٽ سڏائيندڙ هن تنظيم جو ڪردار سنڌ جي مفادن ۽ بنيادي مسئلن جي حوالي سان ڪافي مبهم ۽ متضاد رهيو آهي. ايم ڪيو ايم جڏهن جيئي لطيف چوندي اندرونِ سنڌ تائين پنهنجن تنظيمي سرگرمين جو دائرو وسيع ڪيو ته تڏهن سنڌ ۾ هر حڪومت ۾ شامل هئڻ ڪري کيس اهڙا ماڻهو ملي ويا جيڪي هن سان گڏجي اندرونِ سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. ايم ڪيو ايم اندرونِ سنڌ مان پنهنجا اميدوار به بيهاريا مگر انهن کي ڪا خاص موٽ نه ملي سگھي. جڏهن ايم ڪيو ايم پنهنجو تنظيمي دائرو اندرونِ سنڌ ڏانهن وڌايو ته اهو سمجھيو پئي ويو ته اها متحده جي ماضي جي روش ۾ واضع تبديلي جي علامت آهي، پر اهي حڪومت ۾ شامل ٿيا ته پهرين سنڌ اسيمبليءَ ۾ صرف ڪراچيءَ جي ڊوميسائل رکندڙن کي ڪراچي جي صنعتن ۾ روزگار ڏيئڻ جو بل پيش ڪيائون، جيڪو اندرونِ سنڌ سان لاڳاپو رکندڙ قائد ليگ جي ميمبرن جي تعاون سان پاس ڪيو ويو. اهو بل ڪنهن به ريت اندورنِ سنڌ جي رهواسين جي مفادن وٽان نه هو. ڪراچي ۾ سنڌيءَ ٻولي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته انهيءَ جي مخالفت ۾ آواز به اتان ئي اٿيو. گورنر وٽ پنهنجا تحفظات ظاهر ڪري انهي بل تي وڌيڪ عمل دارآمد ڪرڻ کان روڪرائڻ جو چيو ويو.  پوءِ جڏهن ڪراچي ۾ متحده جي سٽي حڪومت وجود ۾ آئي ته ان ايندي ئي سنڌي قديم وسندين خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ڪيترين ئي ڳوٺن کي برباد ڪيو ۽ اڃان تائين به مسلسل وڌيڪ ڳوٺن کي حددخلي ڄاڻائي شهري سرڪار انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي خواهشمند آهي.

    هڪ پاسي لطيف جي ڌرتي تي جشن لطيف ملهائجي رهيا هئا جنهن ۾ لطيف جي ننگري جا رهواسي بسون ڀري شريڪ ٿيل هئا ته ٻي پاسي ان ئي ڏينهن لطيف جي ديس واسين جي وسندين تي بلڊوزر سان ڪاهون ڪيون پئي ويون. خبر ناهي اهو ڪهڙي ريت  لطيف سان اظهار عقيدت آهي جنهن جي دعا هي هئي ته

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.
 

    لطيف ته پنهنجي ننگريءَ سان گڏ پوري عالم انسانيت جي ڀلائي جو گھرندڙ هو. هن کي ڪهڙي طرح لطيف جي مشن جي پوئواري چئجي ته لطيف جي ٻولي پڙهڻ ۽ سکڻ کان جواب جنهن سان هن جي تعليم سمجھڻ ۾ مدد ٿئي. ۽ سندس لکيل شاھ جي رسالي کي پڙهي سگھجي. جنهن جو نظريو عالم انسانيت جي ڀلائي هو، عشق ۽ محبت هن جي رسالي جا مرڪزي ڪردار آهن، وطن ۽ هن جي ماروئڙن سان محبت هن جي نزديڪ مقدس آهي

اِيَّ   نه  مارُنِ  رِيتِ،  جِئَن  سيڻَ  مَٽائِنِ  سونَ  تي؛
اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ  ڪُرِيتِ؛
پَکَنِ جي  پرِيتِ،  ماڙيءَ  سين  نه   مَٽِيان.

    ڪراچي ۾ سنڌي وسندين تي ٿيل ڪاروائي، سنڌي پڙهائڻ واري عمل جي مخالفت، ڪراچي جي روزگار جي وسيلن تي صرف ڪراچي جي ڊوميسائل رکندڙ کي نوڪري ڏيئڻ، قومي اسيمبلي ۾ ٻاهران ايندڙن کي ملڪ ۾ عورتن سان شادي ڪرڻ تي مڪمل شهريت ڏيئڻ واري پيش ڪيل رٿ ۽ مقامي چونڊن ۾ اڪثيرت حاصل ڪرڻ لاءَ تاريخي اهميت واري شهر حيدرآباد ضلع مان سنڌي ٻهڙاري وارن علائقن کي ڪڍي الڳ ضلعا بنائڻ وارن عملن مان واضح پتو پوي ٿو ته متحده سنڌ سان ڪيتري سچي ۽ انجي رهواسين جي دردن سورن سان ڪيتري سجينده آهي. پاڻي جي مسئلي کي ئي وٺجي، ته ان تي متحده جو ڪردار تمام غير واضح آهي. پاڻي معاملي تي هلندڙ جدوجھد ۾ متحده ڪوبه پارلياماني رول ادا ناهي ڪيو، نه وري ڪراچي ۾ سنڌ جي پاڻي ڪيس جي حوالي سان ڪڏهن ڪو مظاهرو ڪيو. جڏهن ته ٻي پاسي پوري سنڌ، پاڻي جي سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاج ڪندي رهي آهي. ايم ڪيو ايم ڊاڪٽر شازيه ۽ بلوچستان معاملي تي سرڪار کي اٺيتاليهه ڪلاڪن جي الٽيميٽم تي چر پر ۾ آڻي سگھي ٿي ۽ ڪالاباغ ڊيم جهڙي پوري تهذيب دشمن منصوبي خلاف هو ڪوبه پريشر وجھڻ لاءِ تيار نه آهي. هڪ پاسي صوبائي خودمختياري جي ڳالهه ڪري ٿي ٻي پاسي حڪومتي سيٽ اپ ۾ شامل هئڻ باوجود ڪوبه عملي قدم نه پئي کڻي.
    متحده هن وقت جيڪڏهن سنڌ جي مسئلي تي ڪو سخت موقف اختيار ڪيو آهي ته اهو اين ايف سي ايوارڊ جي منصفاڻي ورڇ بابت آهي. پر ان جو سبب اهو به چئي سگھجي ٿو ته ڪراچي کي ان سان وڌيڪ فائدو پهچندو. تنهن ڪري ئي ان مسئلي تي ايترو سخت موقف اختيار ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي ٻين صوبن جي برعڪس هن وقت سنڌين جي اڪثريت رکندڙ هن صوبي جي ڪابينا ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ واضح اقليت ۾ اچي ويا آهن، گھڻو وزيرن ۽ مشيرن جو تعداد غير سنڌين تي ٻڌل آهي. ناڻي، گھرو ۽ صحت کاتي سميت مکيه کاتا به انهن جي حوالي آهن.

    هن وقت جڏهن متحده جو وفد 90 نقطن تي ٻڌل پنهنجي مطالبن جي لسٽ کڻي وفاقي دارالحڪومت ۾ پهتل آهي تڏهن ٻين نقطن جي ڳجھو هئڻ ڪري ڪجھ به نه ٿو چئي سگھجي پر گھٽ ۾ گھٽ جيڪي هڪ اڌ مطالبا سامهون اچي سگھيا آهن انهن ۾ اندرونِ سنڌ جي عوام جي فلاح جو ڪو به نقطو شامل ناهي، بلڪ جيڪي مطالبا سامهون آيا آهن جئين ته ملير جي رهائشي اسڪيم نمبر 33 شهري سرڪار حوالي ڪرڻ، نوڪرين مان اڌ کين ڏيئڻ ۽ شهري سرڪار کي ڪراچي ۾ ڳوٺن جي حوالي سان فري هينڊ ڏيئڻ، وغيرھ سڀ سنڌ جي قديمي رهواسين جي مفادن وٽان نه آهن. ڪجھ ئي وقت اڳ شهري سرڪار سنڌ سرڪار کي ليٽر لکي اسڪيم نمبر 33 جي زمين جي آسپاس ويٺل سنڌي رهواسين کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري چڪي آهي.

    متحده جيڪا خود کي هيٺين ۽ مزدور طبقي جي نمائينده جماعت چوي ٿي جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف ڳالهائيندي رهي ٿي پر جڏهن ڪراچي جي روڊن تي دادوءَ شگر مل جا مزدور اجرت جي لاءِ احتجاج ڪندا رهيا ۽ پوليس جي تشدد کي سهندا رهيا ته تڏهن حڪومت جي اتحادي هئڻ باوجود ڪوبه ميمبر همدردي جي اظهار جي لاءِ نه آيو بلڪ انهن کي سندن سالن جون رهيل رهتون ادا ڪرڻ تي اعتراض ڪرڻ واري صلاحڪار جو تعلق پڻ متحده سان آهي.

    جيڪڏهن متحده سنڌ دوستي جي دعوى ڪري ٿي ته هن کي اهو عملي طرح به ثابت ڪرڻو پوندو ته هو واقعي سنڌين سان دلي طور تي سنجيده آهي باقي لطيف جي بيتن کي جلسن ۾ پڙهي، اجرڪ ڪلهن ۾ وجھي، جيئي لطيف جا نعرا لڳائي ۽ جشن لطيف ملهائي، لطيف جي پانڌيئڙن ۽ اجرڪ جي وارثن کان سنڌ دوستي جي دعوا جي آڙ ۾ گھڻو وقت اصل ڪردار لڪائي نٿو سگھجي. هئن به شيخ اياز چواڻي ته: ”نه وڇونءَ جي اولاد سان گڏ ڇَپر چڱو آهي ۽ نه واڳون جي اولاد سان گڏ ڪَپر چڱو آهي“. سو سنڌ واسين کي ڪجھ عملي ڪردار به پسڻ گھرجي ۽ هر هڪ جي وطن دوستيءَ جي دعوا تي اکيون پوري انڌو اعتقاد نه ڪرڻ گھرجي ڇو ته اسان جنن کي پنهنجو ليڊر سمجھي بلندين تي چڙهڻ ۾ سهارو ڏيندا آهيون ته پوءِِ خبر پوندي آهي اهي ته رهزن هئا، جيڪي همدردن جو روپ وٺي آيا هئا، ۽ اسان کي استعمال ڪري پنهنجو مفاد وٺي رمندا رهيا. اسان سان نه انهن کي ڪا اڳ همدردي هئي ۽ نه پوءِ ڪا درد پڙورڻ جي رَتي هئي. هاڻ ته گھٽ ۾ گھٽ ائين استعمال نه ٿيئڻ گھرجي.

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جڏھن ڏاگھا ڏِٺَءِ ڏِينھَن؛
وَٺِي سَڙَڪَ، سَسُئِي! ويھُ وِھاڻِيءَ سِيئَن؛
چوٽي سين چانگَنِ کي، جَڙِ زَنجِيرُن جِيئن؛
ته ھوتُ تُنھنجو ھِيئن، ھوندِ پُنھون نيائُون نه پاڻَ سين. 
                                                                     (شاھ)

                [مطلب: اي سسئي! جنهن ڏينهن پنهنجي پڌر ۾ ڌاريا اُٺ ڏٺئه، تڏهن جيڪر وٺي، اسر تائين سندن دڳ جھلي بيهين ها. پنهنجي چوٽيءَ سان اُٺن کي زنجيرن جيان جڪڙي ڇڏين ها ته تنهنجو پرين هيئن پاڻ سان کڻي نه وڃن ها.]