|
ڪراچي
جي سنڌي ڳوٺن تي بلڊرز مافيا جون ڪاهون ڪا نئي ڳالهه نه رهي آهي ڪجھ ڏينهن
پهرين بلڊرز مافيا بلڊوزرن ۽ ڪرينن جي مدد سان ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ ۾ قائم
سنڌي ڳوٺن تي ڪاهي پيئي. ماڻهن جي سڄي عمر جي روپيو روپيو ڪري ڳڏ ڪيل جمع پونجي
مان ٺاهيل گھرن کي منٽن ۾ مٽيءَ جي ڍيرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. نٽڻ اُس ۾ جلڻ لاءِ
اڇلايل انسانن ۽ لاوارثيءَ واري حالت ۾ پيل ان ڳوٺن کي ڊاهڻ جي منظر کي جڏهن
ميڊيا فوڪس ڪيو ته ائين محسوس پئي ٿيو ته ڄڻ هي فلسطين ۾ ٿيل ڪا اسرائيلي
ڪاروائي هجي، پر ائين نه هو اهي منظر فلسطينين جيان آهستي آهستي پيرن هيٺيان ڌرتيءَ وڃائيندڙ هن سنڌي قوم جي ڪن وسندين جا هئا.
سنڌي
جيڪي ڪراچي سميت پوري سنڌ جا اڪيلا ۽ حتمي وارث آهن انهن کي ڪراچيءَ کي اُن وقت
الوداع چوڻو پيو جڏهن 88ع جي لساني جھيڙن ۾ سنڌين خلاف کلي عام ڇوٽ ڏنل
دهشتگردن رڻ ٻاري ڏنو. مجبورن سنڌين کي شهرن کان ٿورو پرڀرو وڃڻو پيو ته جئين
انهن جي انسانيت سوز ڪاروائين کان امان ملي سگھي. سنڌين جي انهن ڏتڙيل آبادين
يا سوين سالن کان آباد هنن سنڌي ڳوٺن جي نصيب ۾ ترقي ته نه لکجي سگھي، پر سندن
جي تباهي ۽ مسماريءَ جا نوٽيس هميشه رهواسين جي درن تي دستڪ ڏيندا رهيا.
لطيف
جي ننگري جي هنن قديم وسندين کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جي موجودھ مهم جو آغاز اُن وقت ٿيو
جڏهن ڪراچيءَ ۾ اڄ ڪلهه جشن لطيف ملهائيندڙ ۽ جيئي لطيف چوندڙ سرڪار ۾ شامل ڌر
جي شهري سرڪار قائم ٿي. شهري سرڪار قائم ٿيندي ئي سنڌي ڳوٺن خلاف بلڊر مافيا کي
نه رڳو کلي ڇوٽ ڏني پر ڊاهي پٽ ڪرڻ جي انهيءَ مهم ۾ کين مڪمل تعاون ڏنو. جنهن
جو نتيجو اهو نڪتو ته هيڏانهن اڃان ميڊيا ۾ جمعي ڳوٺ تي ٿيل ڪاروائي جا تفصيل
اچي رهيا هئا ته هوڏانهن ڪنهن ٻئي ڳوٺ تي بلڊوزرن سان ڪاهون ٿي رهيون هيون.
سنڌي وسندين جي انهي لاوارثي کي ڏسندي ڪراچيءَ مان شروع ٿيل اها مهم حيدرآباد
جي هڪ صدي پراڻي ڳوٺ وٽ پهتي. حيدر آباد ۾ قائم اُنڙ مهاراڻي ڳوٺ جي رهواسين کي
ٽن ڏينهن اندر پنهنجا اباڻا پڊ خالي ڪرڻ ۽ ابن ڏاڏن جي قبرن تان هٿ کڻڻ جا
نوٽيس مليا
سنڌي
قديم وسندين کي غير قانوني چئي ڊاهڻ جي هن مهم جو تازو شڪار ڪراچيءَ جي علائقي
ملير جا چار قديم سنڌي ڳوٺ، سچيڏنو ڳوٺ، علي محمد خليفو ڳوٺ، ملڪاڻي ڳوٺ، صديق
ڳوٺ ۽ انهن جو صديون پراڻو قبرستان بڻيا آهن.
هڪ
طرف ڪراچيءَ توڙي حيدرآباد ۾ صدين کان وجود ۾ رهندڙ انهن قديم رهواسين جي
وسندين کي ڊاٿو پيو وڃي جنن ڳوٺن کي سنڌ اسيمبلي جي پنهنجي قانون تحت تحفظ
حاصل آهي ٻئي طرف خود سرڪاري نارا ۽ نادرا جھڙن ادارن جي انگن اکرن مطابق
ڪراچيءَ ۾ هن وقت چاليهه لک بنگالي، برمي، ۽ افغاني غير قانوني طور تي رهائش
پذير آهن، کين رجسٽريشن ۾ آڻڻ جون ڪوششون به ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن
هئڻ
ته ائين گھربو آهي ته انهن غير قانوني طور تي رهندڙن کي نيڪالي ڏيئڻ جو ڪو جوڳو
بندوبست ڪيو وڃي، ۽ انهي سلسلي ۾ موجود قانون کي تحرڪ ۾ آندو وڃي . پر انهي جي
برعڪس اِن کي وقت جي وڏي ستم ظريفيءَ چئجي ته هڪ هڪ ڪري سنڌ جي انهن رهواسين جي
هنن قديم ڳوٺن کي مٽيءَ جي ڍيرن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، جيڪي رهواسي فطرتي طور تي
سنڌ ڌرتي جا مڃيل وارث آهن.
ڪراچيءَ ۾ قائم هنن سنڌي ڳوٺن کي ڊاهڻ ۽ انهن جي رهواسين کان ڇت جي پناھ کسڻ جا
ٻين ڪيترين سببن سان گڏ هڪ سبب اهو پڻ ٿي سگھي ٿو ته گذريل ڪيترين ئي سالن کان
وٺي ٻهڙاڙيءَ جي معشيت جي بدحاليءَ ۽ تباهي، گھرن جي ويجھو روزگار حاصل ڪرڻ جي
متلاشي سنڌي نوجوانن کي روزگار سانگي ڪراچيءَ ڏانهن سفر تي مجبور ڪيو. سنڌي
نوجوانن جي هڪ وڏو انگ جو روزگار سانگي ڪراچيءَ ۾ پير کوڙڻ ڪن ڌرين جي مفادن
وٽان نه آهي تنهنڪري پهرين سنڌ اسيمبليءَ مان ڪراچيءَ جي صنعتن ۾ ”مقامي “ کي
ترجيع ڏيئڻ وارن مبهم اصطلاح واري پاس ٿيل قانون جي ذريعي قانوني طور تي روزگار
حاصل ڪرڻ جا گس گھيڙ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. بعد ۾ نئين سيريل سان قديم سنڌي
وسندين خلاف مختلف حربن سان ڪاروائي عمل ۾ آندي ويئي.
هنن
قديم سنڌي وسندين جو تحفظ ممڪن بنائڻ سنڌي عوام جي چونڊيل نمائيندن جو اخلاقي،
قومي فرض ۽ اندر جي ضمير جو تقاضو آهي، هت سوال سرڪار يا مخالف ڌر جو ناهي هت
ته ڳالهه ابن ڏاڏن جي انهن پڊن تان مالڪي وڃائي ويهندڙ هنن قديم ڳوٺ جي رهواسين
جي مدد ۽ تحفظ جي آهي، انهن رهواسين جي گھرن کي بلڊرز مافيا مقامي سهڪارين جي
تعاون سان پنهنجي بربريت جو نشانو بڻائيندي مٽيءَ جي ڍيرن ۾ تبديل ڪري رهي آهي.
ضرورت
انهي ڳالهه جي آهي ته سياست جي مفادن کي پاسي تي رکي اسان جا چونڊيل
نمائيندا وڌيڪ سنڌي ڳوٺن کي مٽيءَ جي ڍيرن ۾ تبديل ٿيئڻ ۽ المياتي تباهي کان
بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ته جئين وڌيڪ ڳوٺ مسماريءَ جي انهي لسٽ ۾
شامل ٿيئڻ کان بچائي سگھجن.
|